درگاهه سڪندر بودلو

درگاهه سڪندر بودلو

درگاهه سڪندر بودلو

درگاهه سڪندر بودلو (ڀريا اسٽيشن): ڀريا روڊ اسٽيشن (ماڇڪي) کان اٽڪل 6 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف، ڳوٺ چانهين سليمان ۾ درگاهه سيد سڪندر بودلو المعروف بودلو سرڪار مشهور آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هي سيوهڻ شريف ۾ مدفن ٿيل مشهور بزرگ بودلي بهار جو تڪيو آهي. ڪن جو خيال آهي ته هي بزرگ سهرورديه سلسلي جي مشهور روحاني بزرگ بهاؤ الدين زڪريا ملتانيءَ جو خاص خليفو آهي، جنهن کي سنڌ جي هن علائقي ۾ ديني تبليغ لاءِ موڪليو ويو.
مزار مبارڪ تي سن وفات وغيره جو ڪتبو نسب ٿيل نه آهي، مزار جي مٿان صُفو تعمير ٿيل آهي، ليڪن پهريان هڪ وڏو ڪچو قبو هوندو هئو، جنهن جا ڪجهه آثار ڊٿل ڪوٽ جي صورت ۾ اڃا نه آهن، درگاهه شريف سان علائقي جا راڄپر ۽ ٻيون ذاتيون سُٺي عقيدت رکندڙ آهن. هن وقت رٽائرڊ فوجي عملدار سيد فتح الدين شاهه باقاعده خدمتگار طور ڪم ڪري ٿو. درگاهه شريف تي هر مهيني 13 تاريخ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ علائقي جا فقير فقراءُ صوفياڻي راڳ جي محفل ڪندا رهندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو